Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
يعني پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فضيلت جا سج آهن، باقي تمام انبياءِ ڪرام هن سج جا تارا آهن. جيترا نبي تشريف کڻي آيا اهي حَقيقت ۾ هن سِراج منير (يعني چمڪدار سج) ئي جي روشني دنيا ۾ ڦهلائي رهيا هئا.
يعني مطلب هي آهي ته جهڙي طرح سج نڪرڻ کان پهريان به سج ئي هوندو آهي، نڪرڻ کان بعد به سج ئي هوندو آهي، فرق صرف هي آهي ته طلوع ٿيڻ کان پهريان تارن جي وسيلي سان روشني پڄائي رهيو هوندو آهي ۽ طلوع ٿيڻ کان بعد بلاواسطه دنيا کي روشن ڪرڻ لڳندو آهي، ايئن ئي پيارا نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهريان عالم اَرواح ۾ هئا، اُتان کان انبياءِ ڪرام کي فيض ڏئي رهيا هئا، هاڻي پاڻ تشريف کڻي آيا.[1]
ہو مبارک اَہْلِ ایماں عیدِ میلاد النبی ہو گئی قسمت درخشاں عیدِ میلاد النبی
چار جانِب دُھوم ہے سرکار کے میلاد کی جھومتا ہے ہر مسلماں عیدِ میلاد النبی
کِھل اُٹھے مرجھائے دِل اور جان میں جان آگئی آگئے ہیں جانِ جاناں عیدِ میلاد النبی
یانبی! اپنی وِلادت کی خوشی میں اپنا غم دیجئے طیبہ کے سُلطاں عیدِ میلاد النبی([2])
حُضُور کی آمد! مرحبا! غَیُّور کی آمد! مرحبا!
پُرنور کی آمد! مرحبا! داتا کی آمد! مرحبا!
مولیٰ کی آمد! مرحبا! پیارے کی آمد! مرحبا!
واھ! ڪهڙي نه شان سان آمد ٿي...!!
اي عاشقانِ آخري نبي! اسان جي آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روح مبارڪ جو ڇا ته شان آهي، ان جو ته بيان ممڪن ئي نه آهي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جسماني طور تي هن دنيا ۾ ڪهڙي انداز سان تشريف