Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

حضرت عڪرمه رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  کان روايت آهي: رسول اڪرم s صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي ته شيطان چيو: رات هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو اسان جو ڪم بگاڙي ڇڏيندو. سندن چيلن چيو: تون هاڻي وڃ ۽ ان کي نقصان پڄائي سندن ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي اچ! ان تي شيطان رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو ٿيڻ چاهيو ته الله پاڪ حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي زور سان لت هنئي جنهن سان هي مقام عدن ۾ وڃي ڪِريو.[1]

عَدن: مڪي پاڪ کان هڪ مهيني جي مسافت تي[2] بحرالهند جي ساحل تي واقع ملڪ يمن جو شهر آهي.[3]

ہر ملک ہے شادماں، خوش آج ہر اک حور ہے

ہاں! مگر شیطان مع رفقا بڑا رنجور ہے([4])

گهر گهر محفلِ ميلاد سجايو!

الحمد لله! اسان مسلمان آهيون، عاشقانِ رسول آهيون، اسان کي پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ آمد جي خوشي آهي. لهٰذا خوب خوب هن خوشي جو اظهار ڪيو! هر گهر سجايو! گهٽيون به سجايو! خوب ڌومون مچايو! الحمدلله! عام طور عاشقانِ رسول جي تقريباً هر مسجد ۾ محفلِ ميلاد ٿيندي آهي، ان سان گڏوگڏ ڪوشش ڪريو ته ڪو امير هجي يا غريب هر عاشقِ رسول پنهنجي گهر ۾ به محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪري. جنهن کي الله پاڪ استطاعت ڏني آهي، اُهو ڀلي وڏي محفلِ پاڪ جو اهتمام ڪري ۽ جيڪي


 

 



[1] سبل الہدى، جماع ابواب مولدہ...الخ، الباب العاشر، جلد:1، صفحہ:350۔

[2] المسالك و الممالك،ديار العرب، صفحہ:28۔

[3] معجم البلدان، باب العين و الدال و ما یلیھا، جلد:4، صفحہ:88۔

[4]...وسائلِ بخشش،صفحہ:483۔