Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! عِلمِ دين سکڻ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ، اولياءِ ڪرام جي محبت دِل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصّو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ دِيني ڪم آهي: مدني مذاڪرو۔
الحمد لله! امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياسطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جي ڏينهن بعد نماز عشاء مدني چينل تي Live (براه راست) مدني مذاڪرو ڪندا آهن يعني سڄي دُنيا مان عاشقانِ رسول جي طرفان پڇيل سوالن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن۔ الحمد لله! مدني مذاڪرو عِلمِ دين سکڻ جو بهترين ۽ آسان ترين ذريعو آهي، اوهان به ڪوشش ڪري هر ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات بعد نمازِ عشاء مدني چينل تي ۽ جيڪي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي پهچي سگھن ٿا اهي اتي وڃي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻائن، هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله الڪرِيم! عِلمِ دين سکڻ، عَمَل جو جذبو وڌائڻ ۽ قبر و آخرت جي تياري جو ڀرپور ذهن بڻجندو۔
ميلاد (ربيع الاول) واري مهيني جي مدني مذاڪرن جي ڇا ڳالھ ڪجي، مرحبا يا مصطفيٰ جون ڌُومون مچائيندڙ جلوسِ ميلاد جا روح کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ سان گڏوگڏ جشنِ ولادت بابت پڇيل سوالن جا عشقِ رسول سان مالا مال جواب ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن، الله پاڪ اسان سڀني کي انهن مدني مذاڪرن جو فيضان نصيب فرمائي۔
واه ڪينٽ (ضلعو راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي : نمازون قضا