Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
* توهان جي دل وٺڻ ۽ گهرڻ کان نٿي ڀرجي، انهن جي دل توهان کي عطا ڪرڻ سان نٿي ڀرجي، هو ڏيڻ جا حريص آهن. * سندن رحمت عامه سڄي جهانن جي لاءِ آهي پر خاص رحمت هميشه دنيا ۾، قبر ۾ به مؤمنن جي لاءِ آهي.
خالِقِ کل اے رَبّ عُلیٰ شکر ترا کیوں کر ہو ادا
ہم کو وہ محبوب دیا رُتبہ جس کا سب سے سوا
لا الہ الا اللہ آمنا برسول اللہ([1])
صوفياءِ ڪرام هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا: الله پاڪ روحِ مصطفيٰ کي نوراني صورت ڏئي موڪليو، سندن مٿو مبارڪ برڪت سان، مبارڪ اکيون حياء سان، ڪن شريف عزت سان، زبان مبارڪ ذڪر سان، چپ مبارڪ تسبيح سان، چهرو مبارڪ رضاءِ الٰهي سان، سينو مُقَدس اخلاص سان، پاڪيزه دل رحمت سان ۽ هٿ مبارڪ سخاوت سان بڻائي ڪري، کين هي تمام صفتون ڏئي ڪري موڪليو ويو.[2]
لفظِ جاءَ جي ايمان اَفروز وضاحت
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪا آيتِ ڪريمه هاڻي اسان ٻڌي، ان ۾ الله پاڪ لفظ جَاءَ ارشاد فرمايو، ان ۾ به وڏي ايمان اَفروز نعت شريف آهي. الحاج مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: قرآن ۾ عام ماڻهن جي پيدائش جي ذڪر جي لاءِ 2 لفظ استعمال ٿيا آهن: (1) خَلَق(يعني پيدا ڪرڻ، بڻائڻ) (2) بَدَع (يعني ايجاد ڪرڻ). پر حضُور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري جي لاءِ 3 لفظ ارشاد ٿيا: (1) جَاءَ (تشريف کڻي آيا) (2): اَرۡسَلَ (موڪليو) (3) بَعَثَ (مبعوث ڪيو يعني موڪليو)، مطلب؛ قرآن ڪريم ۾ ڪٿي به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي