Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
غريب آهن، اهي به پنهنجي استطاعت مطابق گهر ۾ محفل پاڪ جو اهتمام ڪن، توڙي جو مختصر پروگرام ڪري وٺن پر محفلِ ميلاد لازمي سجائن. ڪا مشڪل نه آهي، پنهنجي گهر ۾ جتي سهولت هجي پردي جي اهتمام سان جڳھ خاص ڪريو! پاڙي جي گهڻن نه ته 8، 10 اسلامي ڀائرن کي دعوت ڏئي وٺو! پاڙي واري مسجد جي عاشقِ رسول امام صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَریْم! هُو ذڪرِ محبوب جي لاءِ منع نه ڪندا، مختصر تلاوت هجي، هڪ، ٻه نعتون پڙهي وٺو! امام صاحب 15، 20 منٽن جو بيان ڪري، جيڪڏهن امام صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول مبلغ جي ترڪيب نه به بڻجي سگهي تڏهن به مشڪل نه آهي، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو آهي: صبحِ بهاران، اهڙيءَ طرح مڪتبة المدينه جا ٻيا به ڪيئي رسالا آهن جهڙوڪ سياھ فام غلام، ڀيانڪ اُٺ، پوڙهو پوڄاري، نور وارو چهرو، نور جو رانديڪو، عاشقِ ميلاد بادشاھ انهن مان ڪو به رسالو يا شانِ مصطفٰي تي 12 بيانن وارو مختصر ڪتاب حاصل ڪريو! يا دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان مفت ڊاؤن لوڊ ڪري پاڻ ئي پڙهي ڪري ٻڌايو! بيان ٿي ويندو، آخر ۾ پنهنجي استطاعت جي مطابق کيرڻي وغيره ورهائي وٺو! جيڪڏهن کيرڻي وغيره به ميسّر نه هجي ته ڪا ڳالھ ناهي، جيڪو هجي، اهو ئي سهي، ميلاد ملهائڻ جي لاءِ لنگر يا کيرڻي وغيره ضروري به ناهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پئسا ۽ اهتمام نه بلڪه دل جو اخلاص قبول ٿيندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ جيڪا توفيق بخشي آهي، محفل ۾ شريڪ ٿيڻ وارن جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَریْم! سڄو سال گهر ۾ برڪت رهندي.
وہ لوگ خُدا شاہِد قسمت کے سکندر ہیں جو سرورِ عالَم کا میلاد مناتے ہیں