Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

تي نظر آهي، اي مُعينُ الدين! منهنجي مدد فرمايو!

طواف کرتا ہے تمہارے آستاں کا آسماں                           خواجۂ ہر دوجہاں ہو، شاہِ شاہانِ جہاں

کعبۂ اَہْلِ صَفَا ہو، قبلہ گاہِ مُقْبِلاں                                                                               آپ کا دستِ حِمَایَت، چھوڑ کر جاؤں کہاں؟

یامُعِیْنُ الدِّیْن چشتی! دستگیری لازِم اَسْت

شعرن جو مفهوم: آسمان اوهان جي درَ جو طواف ڪندو آهي يعني اوهان جي درٻارِ عالي نهايت بُلند آهي، اوهان ٻنهي جهانن ۾ خواجه ۽ بادشاھن جا بادشاھَ آهيو، اولياءِ ڪرام جو قبلو ۽ ڪعبو آهيو، اوهان جي حمايت ۽ عنايت ڇڏي ڪري مان ڪيڏانهن ويندُس...! اي مُعينُ الدين! منهنجي مدد فرمايو!

   رياستِ آصفيه جو وزيرِ اعظم راجه سر ڪِشَن پَرشاد 1924 عيسوي ۾ خواجه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي هٿن سان مُورڇَل(مُورَ جي پرن مان ٺهيل وڏو هٿن جو پکو) جهلڻ جي خدمت انجام ڏني. راجه پَرشاد شاعر به هو، جڏهن ان کي خواجه جي درٻار تي خدمت جو موقعو مليو ته ان خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شان ۾ شعرَ چيا، لکي ٿو: (معین الارواح، صفحہ:326۔)

جھکتے ہیں شاہوں کے سَرخواجہ کی وہ سرکار ہے                                 ہیں ملک دربان وہ شاہِ چِشْت کا دربار ہے

   راجه پرشاد کي درٻار شريف تي پَکو جهلڻ جي خدمت ملي، ان جي متعلق لکي ٿو: (معین الارواح، صفحہ:326۔)

مَوْرچَھل جھلنے کی خدمت مل گئی                                                                                 شاد کو دنیا کی عزت مل گئی

بارگاہِ خواجۂ اجمیر سے                                                                                                                                 لو کلیدِ گنجِ قسمت مل گئی

 شعرن جو مفهوم: مورڇل جهلڻ جي خدمت ڇا ملي، شاد کي دنيا جي عزت ملي وئي. ڄڻ ته! خواجه اجمير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درٻار مان قسمت جي خزاني جي ڪنجي ملي آهي.