Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

جا چراغ آهيو، اوهان خيبر فتح ڪرڻ واري مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شجاعت جا اَمين آهيو، اوهان امام حَسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي باغ جا گُلَ ۽ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اکين جا تارا آهيو ۽ مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنّتن جا عاشق آهيو.

  ماشَآءَاللہ! خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علمِ دين جا تمام وڏا عاشق هئا، جڏهن سندن عُمر مبارڪ 15 سال هئي ته والد محترم جو انتقال ٿي ويو، وراثت ۾ کين هڪ باغ ۽ هڪ پاڻي واري چڪي مِلي، پاڻ   رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باغ وڪڻي ڇڏيو، چڪي به وڪڻي ڇڏي ۽ باقي جيڪو سامان هو، سڄو وڪڻي ڇڏيو، ان جي قيمت فقيرن، مسڪينن ۾ صدقو ڪيائون ۽ علمِ دين جي واٽ جا مسافِر بڻجي ويا. پهريان پاڻ سَمرقند ويا، اتي قرآنِ پاڪ حفظ ڪيائون ۽ مولانا شرفُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان علمِ دين سکيو، خواجه صاحب جيئن جيئن علم سکندا ويا، تيئن تيئن علم جي اُڃَ وڌندي وئي، جيئن ته سَمرقند ۾ علم سکي ڪري پاڻ بخارا تشريف وٺي آيا ۽ اتي مشهور عالِمِ دين شيخ حُسّامُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شاگردي اختيار ڪيائون، تقريباً 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ پاڻ ان وقت جي رائج علومن کي سکي ڪري فراغت حاصل ڪئي. (اللہ کے خاص بندے عبدہ، صفحہ:508، 509 ملخصاً۔)

ظاهري علوم سکڻ کان بعد پاڻ باطني علومن جي طرف توجھ ڏنائون ۽ ان جي لاءِ ايران جي علائقي هارون پهتا، اتي حضرت خواجه عُثمان هَاروَني  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ تقريباً 20 سالن تائين پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر رهي ڪري معرفت جون منزلون طئي ڪندا رهيا. (مرآۃ الاسرار، صفحہ:594خلاصۃً۔)

خواجۂ خواجگاں مُعِیْنُ الدِّیْن                                                                                                                 فَخْرِ کون ومکاں مُعِیْنُ الدِّیْن

مُرشِد رہنمائے اہلِ صَفا                                                                                                                                ہادئ اِنس   و   جاں    مُعِیْنُ    الدِّیْن([1])


 

 



[1]...معین الارواح، صفحہ:336۔