Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

545 هجري کان وٺي 622 هجري تائين77 سالن جو گهڻو حصو خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سَفر ۾ گذاريو، * مديني پاڪ، * مڪي شريف، * خُراسان، * سَمرقند، * بخارا، * عِراق، * هارۡوَن، * بغداد، * ڪِرۡمان، * هَمدان، * تَبريز، * اَسۡترآباد، * خَرقان، * هرّات، * غَزني، * رَيۡ، * بَدَخۡشان،
 
* دمشق، * جيلان، * اصفهان، * مُلتان، * لاهور، * دهلي ۽ اجمير وغيره مختلف شهرن ۾ ويا، اتي موجود بزرگانِ دين، اولياءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضري ڏنائون، ڪٿي علم ۽ معرفت جو فيضان ورهايائون، ته ڪنهن کان علمِ ظاهر ۽ باطن سکڻ ۾ مصروف رهيا. (ہند  کے راجہ، صفحہ:70بتغیر۔)

 تقريباً 5 مهينن تائين پاڻ بغداد شريف ۾ پيرن جي پير، پير دستگير شيخ عبدُالقادر جيلاني يعني حُضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ به حاضر رهيا.

(مرآۃ الاسرار، صفحہ:594۔)

خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دين جا وڏا خدمت گذار هئا، پاڻ تقريباً 90 لکَ ڪافرن کي ڪلمو پڙهائي دائرهءِ اسلام ۾ داخل ڪيائون، 96 سالن تائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجبُ المُرجب، 633 هجري، سومر شريف جي ڏينهن، صبح فجر جي وقت مُريدَ انتظار ۾ هئا ته پيرو مُرشد تشريف وٺي ايندا، نمازِ فجر پڙهائيندا پر حُضور خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نه اچڻا هئا، نه آيا، ڪافي دير کان پوءِ حُجري جو دروازو کولي ڪري ڏٺائون ته سلطانُ الهند، خواجه غريب نواز، معينُ الدين حسن چشتي، سنجري، اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وصال فرمائي چڪا هئا، ڏسڻ وارن هي ايمان اَفروز منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو ته خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نوراني پيشانيءَ تي لکيل هو: حَبِیْبُ اللہِ مَاتَ فِی حُبِّ اللہِ يعني الله جو محبوب ٻانهو، محبتِ الٰهي ۾ وصال ڪري ويو. ہندکے  راجہ، صفحہ:78، 79بتغیر قلیل۔ حضور خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار