Book Name:Darbar Khwaja Mein Badshahon Ki Hazriyan

اهل بيت وغيره) جي بيحرمتي ڪئي پئي وڃي. سلطان محمود خلجي خط پڙهيو، غمگين ٿيا ۽ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ مدد جي درخواست ڪيائون، پوءِ فوج وٺي ڪري اَجمير پهتا، غيرمسلمن کي تباھ و برباد ڪيائون، پوءِ بارگاھِ خواجه ۾ حاضر ٿي، خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   جو شڪريو ادا ڪيو، درٻار شريف جي ويجهو هڪ مسجد به تعمير ڪئي ۽ درٻار جي خادمن جي خوب خدمت ڪئي. معین الارواح، صفحہ:315خلاصۃً۔

 *   سلطان نورُ الدين جهانگير 1022 هجري تي پيرين اگهاڙي اجمير شريف حاضر ٿيا ۽ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي درٻارِ عالي وقار ۾ حاضري ڏنائون.

 معین الارواح، صفحہ:320۔

  شاھجهان 21 سال هند تي حڪومت ڪئي ۽ انهن 21 سالن ۾ 5 ڀيرا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي درٻار ۾ حاضري ڏني ۽ ڪيئي ڏينهن اتي قيام ڪيائون.

معین الارواح، صفحہ:321بتغیر قلیل۔

* مغليه سلطنت جي آخري بادشاھ بهادر شاھ ظفر خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شان ۾ قصيدا لکندا ۽ سندن درٻار ۾ مدد جي درخواست ڪندا رهندا هئا، بهادر شاھ ظفر جي لکيل هڪ منقبت جا ڪجھ شعرَ ٻڌندا!

معین الارواح، صفحہ:335بتغیر قلیل۔

آستاں بوسی کا مجھ کو شوق تو ہے اس قدر                                                           اُڑ کے پہنچوں میں ابھی، میرے اگر ہوں بال وپَر

پَر کروں کیا، میں ہوں بےطاقتِ قدم سے سربسر                       ہے تمہاری ہی فقط چشمِ عِنَایت پر نظر

یامُعِیْنُ الدِّیْن چشتی! دستگیری لازِم اَسْت

شعرن جو مفهوم: مون کي اوهان جي درٻار تي حاضري جو تمام گهڻو شوق آهي، منهنجا پرَ هجن ها ته اڏامي ڪري پهچان ها پر ڇا ڪيان جو ڪمزور ۽ بيوس آهيان، اوهان جي عنايت