Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ ٻه هستين طرفان سلام جو تحفو آيو، حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها ٻنهي جو جواب ڏنو پر الفاظ ٻنهي جي لاءِ مختلف استعمال ڪيا، الله پاڪ جي طرفان سلام جو تحفو آهي، ته ان جي جواب ۾ پاڻ چيائون: اِنَّ اللہَ ھُوَ السَّلَامُ  

الله الله! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها الله پاڪ جي طرفان سلام جو تحفو اچڻ تي هيئن نه چيو: عَلَیْہ ِالسَّلَام (يعني الله پاڪ تي سلام هجي) بلڪ چيو: اِنَّ اللہَ ھُوَ السَّلَامُ . ڇو....؟ انڪري جو پاڻ پنهنجي بي مثال فهم و فراست، پنهنجي عقلمندي سان، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    جي صحبت جي فيضان سان هي ڳالھ ڄاڻينديون هيون ته الله پاڪ جي سلام جو جواب هن طرح نه ڏنو ويندو، جيئن مخلوق کي ڏنو ويندو آهي، الله پاڪ ته اها بلند رُتبي واري ذات آهي جو تمام جهانن تي سلامتي اهو ئي نازل فرمائيندو آهي، ان جي پاڪيزه نالن مان هڪ نالو ئي اَلسَّلام يعني سلامتي نازل فرمائڻ وارو آهي. لهذا الله پاڪ سلام جو تحفو موڪليو ته جواب ۾ هي نه چيو ته الله تي به سلامتي هجي بلڪ چيو: اِنَّ اللہَ ھُوَ السَّلَامُ  يعني بيشڪ الله پاڪ پاڻ السَّلَامُ      يعني سلامتي نازل فرمائڻ وارو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ!  هي هن ڳالھ جي دليل آهي ته حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها   اسلام جي اُن ابتدائي دور ۾ به مَعرفت(يعني الله پاڪ جي پهچان) جي بلند مقام تي فائز هيون.

مادرِ اوّلیں اہلِ ایمان کی                                                                                                                ہے یہ اس کی بزرگی و پاکیزگی

بَرگُزِیدَہ ہے ربِّ مُحَمَّد کی بھی                                                                                             عرش سے جس پہ تسلیم نازِل ہوئی

اُس سرائے سلامت پہ لاکھوں سلام