Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

پڪاريو ويندو هو.           حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو هڪ پيارو لقب: صديقه به آهي. حديث شريف ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: ھٰذِہٖ صِدِّیْقَۃُ اُمَّتِیْ  يعني هي منهنجي اُمت جي صديقه آهي. [1]

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪُل 7 اولاد آهي، 4 شهزاديون (حضرت زينب، حضرت رقيه، حضرت اُمّ ڪلثوم ۽ خاتون جنت حضرت فاطمة الزهرا رَضِىَ اللهُ عَنْهُنّ ) ۽ 3 شهزادا (حضرت قاسم، حضرت عبدالله ۽ حضرت ابراهيم رَضِىَ اللهُ عَنْهم). انهن مان حضرت ابراهيم ماريه قِبطيه رَضِىَ اللهُ عَنْها جا شهزادا آهن، باقي سڀئي اولاد حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها مان ٿي يعني حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها امام حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما بلڪ قيامت تائين اچڻ وارن سڀني سيّد زادن جون ناني آهن.

 اعلانِ نبوت جي ڏهين سال، رمضان المبارڪ جي 10 تاريخ تي حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو وصال ٿيو وفات جي وقت سندن عمر مبارڪ 65 سال هئي.[2] سندن مزار شريف مڪي پاڪ جي مشهور قبرستان جنّت المعليٰ ۾ آهي.

وہ اُمُّ الْمُسْلِمِیں جو مادرِ گیتی کی عزت ہے                                            وہ اُمُّ الْمُسْلِمِیں قدموں کے نیچے جس کے جنّت ہے

خدیجہ طاہرہ یعنی نبی کی باوفا بی بی                                                                               شریکِ راحت و اندوہ پابندِ رضا بی بی

دیارِ جاودانی کی طرف راہی ہوئیں وہ بھی                                          گئیں دنیا سے آخر سوئے فردوسِ بریں وہ بھی([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] تاريخِ مدینہ دمشق، تاريخ دمشق، حرف الميم،9427-مريم بنت عمران،جلد:70،صفحہ:118۔

[2] امتاع الاسماع، فصل فى ذكر ازواج رسول، ام المؤمنين خديجة بنت خويلد،جلد:6صفحہ:28۔

[3]... شاہنامہ اسلام،جلد:1،صفحہ:135۔