Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

گهرواري آهي.

 هي ڳالھ به هر مسلمان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    جون ڪُل 11 گهر واريون هيون، انهن پاڪيزه گهر وارين کي اُمَّهاتُ المؤمنين يعني مسلمانن جون مائرون چيو ويندو آهي. الله پاڪ قرآني ڪريم ۾ فرمايو:

اَلنَّبِیُّ  اَوْلٰی بِالْمُؤْمِنِیْنَ مِنْ اَنْفُسِہِمْ وَ اَزْوَاجُہٗۤ  اُمَّہٰتُہُمْ ؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: هي نبي مسلمانن جو انهن جي جانين کان وڌيڪ مالڪ آهي ۽ سندس جون گهرواريون انهن جون مائرون آهن.

معلوم ٿيو، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    اسان جي جانين جا اسان کان وڌيڪ مالڪ آهن ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جون پاڪيزه گهر واريون اسان سڀني اهلِ ايمان وارن جون مائرون آهن.

اہلِ اِسلام کی مادرانِ شفیق                                                                                                     بانُوانِ طہارت پہ لاکھوں سلام ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عُمر مبارڪ 25 سال هئي جڏهن پاڻ حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي پنهنجي زوجيت ۾ قبول فرمايو. سندن ڪنيت: اُمِّ قاسم آهي. سندن سڀني کان مشهور لقب: الڪبريٰ آهي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها  نهايت پاڪباز، نهايت باهمت، بلند حوصله، باعزت، اعليٰ نسب رکڻ واريون ۽ نهايت عقلمند خاتون هيون، سندن اعليٰ وصف ۽ ڪمالات جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي....!! ڇوته جهالت جي زماني ئي ۾ کيس طَاهِرَه (يعني پاڪيزه خاتون) ۽ سيدةُ قريش(يعني قريش جي سردار خاتون) جي لقب سان


 

 



[1]... حدائق بخشش،صفحہ:310۔