Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سلام ڪندي ۽ جواب ڏيندا پيا اچون، هڪ اسلامي معاشري ۾ ته معمول جي ڳالھ آهي، 2 مسلمانن جي ملاقات جي وقت ڳالهايا ويندڙ پهريان جملا ئي سلام جا هوندا آهن. پر افسوس! اڄ مسلمانن جي اڪثريت آهي جن کي صحيح طريقي سان سلام ڪرڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ به نٿو اچي. ڪو سَامَ لَیْکَم  چوندو آهي، ته ڪو سَلَامَ لَیْکَم چوندو آهي، ڪو ڇا ته ڪو ڇا چوندو آهي...!!

 ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ڪنهن جي ذريعي سلام پڄائي ته ان جو جواب ڪهڙن لفظن سان ڏيڻو آهي، هن باري ۾ ته ڪيئي ماڻهن کي خبر ئي ناهي. ڪو اچي چئي ته فلاڻي توکي سلام ڏنا آهن ته ان جي جواب ۾ عام طور تي وَعَلَیکُم ُالسَّلَام  ئي چيو ويندو آهي. حالانڪه هن طرح موڪليل سلام جو جواب هي ناهي هوندو. بهار شريعت ۾ آهي: (جڏهن ڪو ڪنهن جو سلام پڄائي ته ان جو) جواب هيئن ڏي جو پهريان ان پهچائڻ واري کي ان کان بعد ان کي جنهن سلام موڪليا آهن يعني هيئن چئي:  وَعَلَیْکَ وَعَلَیْہ ِالسَّلَام .[1]

اهو به ياد رهي ته سلام جي جواب ۾ هي الفاظ اُن وقت چيا ويندا جڏهن موڪلڻ وارو ۽ پهچائڻ وارو ٻئي مرد هجن جيڪڏهن عورتون هجن ته هن طرح چونداسين: وَعَلَیْکِ وَعَلَیْھَا السَّلَام   جيڪڏهن موڪلڻ وارو مرد ۽ پڄائڻ واري عورت هجي ته هن طرح چونداسين: وَعَلَیْکِ وَعَلَیْہ ِالسَّلام ۽ جيڪڏهن موڪلڻ واري عورت هجي ۽ پڄائڻ وارو مرد هجي ته هن طرح چونداسين: وَعَلَیْکَ وَعَلَیْھَا السَّلَام۔             

   هاڻي هي مسئلا اسان صرف هڪ بيان ٻڌي ڪري سمجهي سگهون ۽ انهن کي ياد به رکون، نهايت مشڪل ڳالھ آهي، هي ڳالھيون اسان کي باقاعده سکڻيون پونديون، تڏهن ئي ياد رهي سگهنديون، انڪري اسان کي هي ڳالهيون سکڻ جي لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو، ظاهر آهي وقت ڏيڻ کان سواءِ ڪجھ به حاصل


 

 



[1] بہارِ شریعت، حصہ:16،جلد:3،صفحہ:463۔