Book Name:Shaitan ka Darwazy

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اُهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽  پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنم جي خوفناڪ وادي غيّ سان وڃي ملندا.

بيان ڪيل آيتِ مبارڪه ۾”غيّ“ جو ذڪر آهي ۽ هن مان مُراد جهنّم جي هڪ وادي آهي، صاحبِ بهارِ شريعت مفتي امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: غَيّ جهنم ۾ هڪ وادي آهي، جنهن جي گرمي ۽ گهرائي سڀ کان وڌيڪ آهي، هن ۾ هڪ کوھ آهي، جنهن کي هَب هَب چوندا آهن. جڏهن جهنم جي باھ وسامڻ لڳندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ  کي کولي ڇڏيندو آهي، جنهن سان جهنم جي باھ پهريان وانگر ڀڙڪڻ لڳندي آهي (الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:)

كُلَّمَا خَبَتْ زِدْنٰهُمْ سَعِیْرًا(۹۷)

ترجموڪنزالعرفان: جڏهن به وسامڻ لڳندو ته اسان ان کي اڃان وڌيڪ ڀڙڪائينداسين.

* هي کوھ بي نمازين، *زانين، *شرابين، *وياج خورن * ۽ والدين کي ستائڻ وارن جي لاءِ آهي.[1]

ہو گیا تجھ سے خدا ناراض اگر                                                                                                       قَبرْ سُن لے آگ سے جَائیگی بھر

عُمرْ میں چُھوٹی ہے گر کوئی نَماز                                                                                                جَلد ادا کر لے تُو آ غَفْلت سے بَاز([2])

 الله پاڪ اسان کي پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت تڪبيرِ اوليٰ سان ادا ڪندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] بہارِشریعت،جلد:1، صفحہ:434، حصہ:3۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ713۔