Book Name:Shaitan ka Darwazy

آهيان، مون چيو: اهو ڇو ڀلا؟ شيطان چيو: تو مون کي ذڪر خُدا جي ذريعي ڪمزور ڪري ڇڏيو.[1]

(2) زبان جو قفلِ مدينه

اهڙي طرح خاموشي(يعني فضول ۽ گناهن ڀري گفتگو کان رڪجي وڃڻ) به شيطان کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي. حضرت ابوسعيد خُدري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي نصيحت فرمايو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ڪجھ نصيحتون ڪرڻ کان بعد فرمايائون: وَاخْزُنْ لِسَانَكَ إِلَّا مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّكَ بِذَلِكَ تَغْلِبُ الشَّيْطَانَ يعني پنهنجي زبان تي قابو رکو ڇوته هي ئي(يعني زبان کي بي لگام ڇڏڻ) اها شيءِ آهي، جنهن جي ذريعي شيطان توتي قبضو ڪري وٺندو آهي.[2]

عالمَ سڳورا فرمائن ٿا: خاموشي اها نعمت آهي جنهن جي ذريعي انسان شيطان تي غلبو حاصل ڪري وٺندو آهي، تنهنڪري هر مسلمان کي گهرجي ته پنهنجي زبان جي حفاظت ڪري. ([3])   

(3) تَعَوُّذ

پيارا اسلامي ڀائرو! شيطان کان بچڻ جو هڪ بهترين طريقو تَعَوُّذ يعني اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ جي ڪثرت ڪرڻ به آهي. يعني اسان ڪثرت سان اٿندي، ويهندي، هلندي، ڦرندي اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ پڙهندا رهون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!اسان شيطان جي چالن کان بچي وينداسين. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو انسان سڄي ڏينهن ۾ 10 ڀيرا اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ  پڙهي ته


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب، باب فی مکر الشیطان، صفحہ:443۔

[2] معجم صغیر، صفحہ:655، حدیث:949۔

[3]... تنبیہ الغافلین، باب حفظ اللسان، صفحہ:119 ۔