Book Name:Shaitan ka Darwazy

جي نگاهن سان ڏسڻ) جي ذريعي ڀٽڪائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان صرف ربّ ڪريم جي عطائن تي نظر رکي، ماڻهن وٽ موجود شين کان مايوس ٿي وڃي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي شيطان جا ڪجھ دروازا آهن، جن جي ذريعي شيطان اسان کي ڀٽڪائيندو آهي* نمازن ۾ سُستي شيطان جو دروازو آهي* پنهنجي گناهن کي وساري ڇڏڻ به شيطان جو دروازو آهي *پيٽ ڀري کائڻ به شيطان جو دروازو آهي * لالچ * ڊگهيون اُمِّيدون * آرام طلبي * خودپسندي* پنهنجي مسلمان ڀائرن کي حقير سمجهڻ * حسد ڪرڻ *  رياڪاري ۽ * ڪنجوسي وغيره هي سڀئي شيطان جا دروازا آهن، اسان کي گهرجي ته انهن ظاهري ۽ باطني برائين کان هميشه بچندا رهون ته جيئن اسان شيطاني حملن کان محفوظ رهي سگهون.

شيطان کان بچڻ جا وڌيڪ ٻيا طريقا

ان کان علاوه شيطان کان بچڻ جا ڪجھ ٻيا طريقا به آهن. (1) انهن مان هڪ طريقو ذڪرالله جي ڪثرت ڪرڻ به آهي. حضرت عُمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان مروي آهي ته ڪنهن الله پاڪ کان سوال ڪيو: مون کي انساني دل ۾ شيطان جي جڳھ ڏيکار، خواب ۾ ان شيشي جيان صاف شفاف هڪ انساني جسم ڏٺو جيڪو اندران ٻاهران هڪ جهڙو نظر اچي رهيو هو، شيطان کي ڏٺو اهو ان انسان جي کاٻي ڪلهي ۽ ڪن جي وچ ۾ ڏيڏر جي شڪل ۾ ويٺو هو ۽ پنهنجي ڊگهي سونڍ سان ان جي دل ۾ وسوسا وجهي رهيو هو. جڏهن اهو انسان الله جو ذڪر ڪندو هو ته هُو هڪدم ئي پوئتي هٽي ويندو هو.[2]

حضرتِ ابن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو قول آهي ته مومن جو شيطان سُست هوندو آهي. حضرت قيس بِن حجّاج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو قول آهي ته منهنجي شيطان مون کي چيو: جڏهن تنهنجي اندر داخل ٿيس ته اُٺ جيان هيس ۽ هاڻي جهرڪي جيان


 

 



[1] تنبیہ الغافلین،باب عداوۃ الشیطان و معرفۃ مکایدہ، صفحہ345 ملخصاً

[2] مکاشفۃ القلوب، باب عداوۃ الشیطان، صفحہ:79۔