Book Name:Shaitan ka Darwazy

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

بي نمازي جهنم جو حقدار آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ اهم رُڪن آهي. اُن کي اسلام جو رڪن(ٿنڀ) فرمايو ويو آهي.[1] ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته جڏهن عمارت جو ٿنڀ ڪِري پئي ته عمارت ڪِري پوندي آهي يعني نماز اها عظيم عبادت آهي جيڪا اسان جي اندر ايمان کي مضبوط بڻائي رکندي آهي، الله نه ڪري جيڪڏهن نماز ۾ سُستي ٿي وئي ته اهو وقت پري ناهي جو اسان جي دل مان ايمان جو نور نڪري وڃي. انهي ڪري نماز ۾ هرگز سُستي نه ڪندا ڪيو!

اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت مولانا امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز ڇڏي هزارين سال جهنَّم ۾ رهڻ جو حقدار ٿيو، جيستائيين توبه نه ڪري ۽ ان نماز جي قضا نه ڪري وٺي۔ [2]

ہو گی دنیا خراب آخِرت بھی خراب                                                                   بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

بے نمازی جہنّم کا حقدار ہے                                                                                             بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

دیکھو! اللہ ناراض ہو جائے گا                                                                                     بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز([3])

 

قرآن ڪريم ۾ سيپاري 16 سوره مريم، آيت نمبر: 59 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو.

فَخَلَفَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ خَلۡفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوۡفَ یَلۡقَوۡنَ  غَیًّا

 (ۙ۵۹)  (پارہ:16 ،سورۂ مریم:59)


 

 



[1] کنز العمال، کتاب الصلاۃ، الفصل الثانی فی فضائل الصلاۃ، جز:7، جلد:4، حدیث:18885 ۔

[2] فتاوٰی رضویہ، جلد:9، صفحہ:158۔

[3]... وسائلِ فردوس، صفحہ:23 ملتقطاً ۔