Book Name:Shaitan ka Darwazy

جو بهترين طريقو هي آهي ته اهي دروازا جن ذريعي شيطان اسان تائين پهچندو آهي ۽ اسان کي ڀٽڪائيندو آهي. اسان اهي دروازا ئي بند ڪري ڇڏيون. اهي دروازا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ٻڌو!

شيطان جهڙو ڪير...؟

منقول آهي: هڪ ڀيرو هڪ نيڪ انسان جي شيطان کان ملاقات ٿي، اهو نيڪ انسان نهايت عقلمند هو، ان شيطان کي چيو: اي ابليس! هي ٻڌايو ته مان تو جهڙو ڪيئن بڻجي سگهان ٿو؟ شيطان چيو: تنهنجو بُرو ٿي! هي ڪهڙو سوال آهي؟ مون کان ڪڏهن ڪنهن اها ڳالھ ناهي پڇي(سڀئي مون کان بچڻ جا طريقائي سوچيندا آهن ۽ تون آهين جو مون جهڙو بڻجڻ چاهين ٿو)؟ نيڪ انسان چيو: بس مون کي هي پسند آهي، تون مون کي سوال جو جواب ڏي. (هاڻي شيطان ته شايد دل ۾ خوش ٿي رهيو هوندو، ته هلو مون جهڙو ڪو ته ملي ويو، جيئن ته) شيطان پنهنجي راز تان پڙدو کڻندي چيو: مون جهڙو بڻجڻ نهايت آسان آهي، بس 2 ڪم ڪيو! (1) نمازن ۾ سُستي ڪندا ڪيو! (2) ڪوڙا هجن يا سچا گهڻي مان گهڻا قسم کڻندا ڪيو! توهان مون جهڙا بڻجي ويندؤ. اهو ٻُڌي ڪري اُن نيڪ انسان چيو: مان الله پاڪ کان وعدو ڪيان ٿو ته آئينده هي ٻئي ڪم ئي نه ڪندس. شيطان چيو: مون کي ڪڏهن ڪنهن اهڙو دوکو ناهي ڏنو، مان به وعدو ڪيان ٿو ته آئينده ڪڏهن انسان کي نصيحت نه ڪندس.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور جو مقام آهي......!! 2 ڪم آهن جيڪي انسان کي شيطان بڻائي ڇڏين ٿا: (1) نمازن ۾ سستي ڪرڻ (2) گهڻا قسم کڻڻ. افسوس! هي ٻئي ڪم اسان جي معاشري ۾ وڌندا پيا وڃن. هاڻ اَلحَمۡدُلله! رمضان المُبارڪ جي برڪتن وارا ڏينهن آهن، مسجدن ۾ جهڙي رونق هجڻ گهرجي، اهڙي نه سهي بهرحال رونق ته آهي، نمازين جي تعداد وڌيل ته آهي پر افسوس! جيئن ئي رمضان موڪلائي ويندو، نمازن ۾ سُستي وري وڌي ويندي. مسجدون


 

 



[1] تنبیہ الغافلین، باب الصلوات الخمس، صفحہ:158۔