Book Name:Shaitan ka Darwazy

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

منڊي جي باري ۾ سنتون ۽ آداب

پيارا اسلامي ڀائرو!مرد کي سوني منڊي (Gold) پائڻ حرام آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سوني منڊي پائڻ کان منع فرمايو، سون ۽ چانديءَ جا زيور نابالغ (يعني تمام ننڍي) ڇوڪري کي پائڻ حرام آهي ۽ ان کي پارائڻ وارو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن (يعني ڇوڪرن) جي هٿن ۽ پيرن تي بغير ضرورت جي مهندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پاڻ پنهنجن هٿن پيرن تي مهندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪري کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي، لوھ جي منڊي جهنمين جو زيور آهي مرد جي لاءِ اها ئي منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊيءَ وانگر هجي، يعني فقط هڪ ٻُڙي جي هجي، جيڪڏهن ان ۾

هڪ کان وڌيڪ ٻڙا هجن، جيتوڻيڪ اها چانديءَ جي ئي هجي، د جي  لاءِ  ناجائز  آهي،  ٻڙي جي بغير منڊي پائڻ نا جائز آهي، ڇو ته اها منڊي نه ڇلو آهي، چانديءَ جي هڪ منڊي هڪ ٻڙي سان پائڻ جائز آهي، جنهن جو وزن ساڍا 4 ماشه (يعني 4 گرام 374 ملي گرام) کان گهٽ هجي، * عيدُن ۾ منڊي پائڻ

مستحب آهي، پر مردن کي اها ئي جائز منڊي پائڻ گهرجي، مرد کي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي تريءَ ڏانهن رکڻ گهرجي ۽ عورت جي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي تريءَ جي پٺين پاسي رکڻ گهرجي، چانديءَ جو ڇلو خاص عورتن جو لباس آهي مردن لاءِ مڪروھ  (تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي) * عورت سون ۽