Book Name:Shaitan ka Darwazy

بهتر آهي.[1] *  هن رات ۾ سلامتيون لهنديون آهن، ملائڪ زمين تي ايندا ۽ عبادت گذارن کان مصافحو ڪندا آهن.[2] پوءِ ان کان بعد لَیْلَۃُ الْجَائِزہ (يعني عيد جي چنڊ رات) به اچڻي آهي. *  اها عظيم رات جو سڄي رمضان ۾ جيترن جي مغفرت ٿيندي آهي، انهن جي مجموعي تعداد جي برابر ماڻهن جي مغفرت هن هڪ رات ۾ ڪئي ويندي آهي.[3] يعني اسان جي لاءِ موقعا ئي موقعا آهن، رڳو اسان کي قدر ڪرڻ نصيب ٿي وڃي. اسان انهن قيمتي گهڙين مان صحيح معنائن ۾ فائدو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

شيطان آزاد ٿيڻ وارو  آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ رمضان المبارڪ عنقريب موڪلائڻ وارو آهي ته ان سان گڏوگڏ ئي اسان جو اصل ۽ حقيقي دُشمن يعني شيطان به آزاد ٿيڻ وارو آهي. افسوس! شيطان جيئن ئي آزاد ٿيندو آهي، شور مچائي ڇڏيندو آهي، بس هي اعلان ٿيڻ جي دير هوندي آهي ته عيد جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، ماھِ رمضان  جا ديوانا ته اُن وقت رمضان جي جُدائي جي غم ۾ زاروقطار روئي رهيا هوندا آهن پر هي به حقيقت آهي ته هزارين ماڻهو ان وقت شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن * ڳائڻ وڄائڻ جا بيهودا آواز گهٽين بازارن ۾ گونجهڻ لڳندا آهن* بازارن ۾ رش لڳي ويندي آهي* بي پردگي عام ٿي رهي هوندي آهن. * لوفر ڇوڪرا رستن تي شور ڪرڻ لڳندا آهن، بس ايئن کڻي چئجي ته سڄو رمضان قيد ۾ رهڻ کان پوءِ شيطان تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ هوندو آهي ۽


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الصیام، باب ما جاء فی فضل شہر رمضان، صفحہ:حدیث:1644۔

[2] فضائل شہر رمضان للمقدسی، صفحہ:62، حدیث:26بتغیر۔

[3]