Book Name:Shaitan ka Darwazy

شيطان جو دروازو:  اِستغفار کان غفلت

حضرت عبد الرحمٰن بن زياد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام  تشريف فرما هئا، سامهون کان هڪ شخص ايندي نظر آيو، ان جي مٿي تي رنگين ٽوپي پاتل هئي، جڏهن هُو ويجهو آيو ته اُن اها ٽوپي لاهي ڇڏي. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پڇيو: تون ڪير آهين؟ ان چيو: مان ابليس آهيان: فرمايائون: اها ٽوپي جيڪا تو پائي رکي هئي، اها ڇا آهي؟ چيائين: اها منهنجي لاءِ اهو ڄار آهي جيڪو مان آدم جي اولاد تي وجهندو آهيان. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پڇيو: اهو ٻڌايو! اها ڪهڙي بُرائي آهي ته جڏهن انسان اها بُرائي ڪري وٺي ته تُون ان کي قابو ڪري وٺندو آهين. شيطان چيو: جڏهن انسان خودپسندي ۾ مبتلا ٿئي (يعني پنهنجو پاڻ تي غرور ڪرڻ لڳي) ۽ پنهنجي گناهن کي ويساري ڇڏي، تڏهن ان کي قابو ڪري وٺندو آهيان.[1]

    الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان معلوم ٿيو ته پنهنجي گناهن کي ويساري ڇڏڻ به شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي پوڻ جو سبب آهي. واقعي اها حقيقت آهي، جڏهن انسان پنهنجي گناهن کي ويساري ڇڏيندو آهي ته اهو پنهنجو پاڻ تي غرور ڪرڻ لڳندو آهي ۽ الله پاڪ جي خُفيه تقدير کان بي خوف ٿي ڪري مطمئن ٿي ويندو آهي، ۽ هي اطمينان ۽ بيخوفي اها شيءِ آهي جيڪا شيطان جو ڪم آسان ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته اسان هر وقت پنهنجي گناهن کي پنهنجي سامهون رکون، مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمّت مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پنهنجي نيڪين کي ويساري ڇڏڻ ۽ گناهن کي ياد رکڻ عبادت آهي.[2]

افسوس! اسان وٽ ان جي ابتڙ رواج آهي، ماڻهو نيڪيون ياد رکندا آهن. گناھ ويساري ڇڏيندا آهن* هڪ ڏينهن جي پڙهيل تهجد ياد رهندي آهي، 50 ڏينهن


 

 



[1] تنبیہ الغافلین،باب عداوۃ الشیطان و معرفۃ مکایدہ، صفحہ:346۔

[2]