Book Name:Shaitan ka Darwazy

گهٽ ڪري ڇڏڻ سڄي رات جي عبادت کان وڌيڪ عزيز آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا، بُک الله پاڪ جي خزانن مان هڪ خزانو آهي ۽ هي صِرف پنهنجي پسنديده ٻانهن کي ئي عطا فرمائيندو آهي.[1] 

دعا ہے کچھ نہ کچھ لقمے خدا کے واسطے چھوڑوں

رِضائے حق کی خاطِر لذّتِ دنیا سے منہ موڑوں

دين جو پوش

حضرت حامد لَفّاف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ هڪ شخص عرض ڪيو ته مون کي ڪا نصيحت ڪيو! فرمايائون: دين جي حفاظت جي لاءِ قرآن ڪريم جيان پوشُ بڻايو، عرض ڪيائين، دين جو پوشُ ڇا آهي؟ فرمايائون: *ضرورت کان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان بچڻ * ماڻهن کان بي ضرورت ميل ميلاپ نه رکڻ * ۽ ضرورت کان وڌيڪ کاڌو کائڻ. وڌيڪ فرمايائون: جيڪڏهن توهان کي خبر پئجي وڃي ته الله پاڪ وٽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان گڏ اهلِ ايمان جي جنت ۾ ڪهڙي مهماني ٿيندي ته هن دنيا جي ڪجھ ڏينهن جي زندگي ۾ ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو نه کائون ها.[2]

عبادت جي مٺاڻ

  حضرت امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پيٽ ڀري کائڻ سان عبادت جي مٺاڻ ختم ٿي ويندي آهي. مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: مان جڏهن کان مسلمان ٿيو آهيان، ڪڏهن پيٽ ڀري ناهي کاڌو ته جيئن مون کي عِبَادت جي مٺاڻ نصيب ٿئي ۽ جڏهن کان مان مسلمان ٿيو آهيان ديدارِ الٰهي جا جام پيئڻ جي شوق ۾ ڪڏهن پيٽ ڀري ناهي پيتو.[3]


 

 



[1] احیاء علوم الدین، کتاب کسر الشہوتین، جلد:3، صفحہ:104۔

[2] تذکِرۃ الواعظین ، الباب العشرون فی فضیلۃ التوکل...الخ، صفحہ:46۔

[3] منہاج العابدین، الباب الثالث...الخ، الفصل الخامس...الخ، صفحہ:84۔