Book Name:Shaitan ka Darwazy

شيطان جا 10 دروازا ۽ انهن کان بچڻ جو طريقو

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: مون غور ڪيو ته شيطان جا دروازا ڪهڙا آهن جن جي ذريعي اهو انسان کي ڀٽڪائي ڇڏيندو آهي؟ ته مون کي قرآن و حديث جي روشني ۾ معلوم ٿيو ته شيطان جا 10 دروازا آهن ۽ ان کان بچڻ جا به 10 طريقا آهن. (1) شيطان لالچ  جي رستي انسان تي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان قناعت اختيار ڪري(يعني جيڪو ڪجھ ۽ جيتري مقدار ۾ الله پاڪ عطا فرمايو آهي، ان تي خوش رهي) (2) شيطان ڊگهيون اميدون ڏياري انسان کي ڀٽڪائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان موت کي هروقت پنهنجي سامهون سمجهي. (3) شيطان راحت ۽ آرام ۽ دنياوي نعمتن ۾ غرق ٿيڻ جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان نعمت کسجي وڃڻ ۽ انهن نعمتن جي حساب جي فِڪۡر ڪري. (4) شيطان خودپسندي (يعني پنهنجي پاڻ تي تڪبر ڪرائڻ) جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان الله پاڪ جي احسانن کي ياد رکي ۽ بُري انجام کان ڊڄندو رهي. (5) مسلمان ڀائرن کي حقير ۽ گهٽ عزت وارو سمجهڻ جي ذريعي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي عزّت ڪندو رهي (6) شيطان حسد جي ذريعي انسان کي ڀٽڪائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان الله پاڪ جي ورهاست تي راضي رهي (۽ ٻين کي مليل نعمتن جي طرف لالچ وارين نظرن کان نه ڏسي) (7) شيطان رياڪاري جي ذريعي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج اخلاص ۾ آهي ته انسان صرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جو طلبگار بڻجي وڃي. (8) شيطان ڪنجوسي جي ذريعي ڀٽڪائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان اُخروي نعمتن کي ياد رکي ۽ دنيا جو مال ربّ جي راھ ۾ لٽائيندو رهي. (9) شيطان تڪبر جي ذريعي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته انسان عاجزي ۽ انڪساري اپنائي. (10) شيطان لالچ (يعني ماڻهن وٽ موجود نعمتن کي لالچ