Book Name:Shaitan ka Darwazy

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *  ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اَلۡوداع اَلۡوداع ماهِ رمضان...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي، عاشقانِ رمضان انتظار ۾ هئا ته رمضان المبارڪ اچڻ وارو آهي * رمضان المبارڪ جي تياري هلي رهي هئي پر.... هي برڪتن وارا ڏينهن تيزي سان گذرندا هليا ويا ۽ هاڻي ماههِ رمضان تيزي سان پنهنجي اختتام جي طرف وڌي رهيو آهي.  افسوس! هاڻي ڪجھ ئي ڏينهن بعد رمضان جو مبارڪ مهينو اسان کان موڪلائي ويندو۔

ہوتے ہو تم ہم سے جدا،اے ماہِ رمضان اَلْوَدَاع!                   ملوائے پھر تم سے خدا، اے ماہِ رمضان اَلْوَدَاع!

ماہِ صیام ایسے چلے قالب سے جاں جیسے چلے                                         ہَیْہَات تم کیسے چلے؟ اے ماہِ رمضان اَلْوَدَاع!

جاتے ہو اے ماہِ نجات! ہم ہاتھ پر ملتے ہیں ہاتھ                                  آتی ہے یاد ایک ایک بات، اے ماہِ رمضان اَلْوَدَاع!

جنّت کے تھے سب دَر کھلے، دوزخ کے سب دَر بند تھے ہر دم تھی رحمت غیب سے، اے ماہِ رمضان اَلْوَدَاع!


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔