Book Name:Shaitan ka Darwazy
اولاد ۽ جيڪي ان جي پٺيان هلن، سڀئي ظالم آهن ۽ ظالمن جي لاءِ تمام بُرو بدلو آهي. [1]
الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! ڪيتري صاف ڳالھ آهي، غور فرمايو! ڪهڙي طرح اسان کي جاڳايو پيو وڃي ته اي انسانو! * الله پاڪ جي محبت* الله پاڪ جي اِطّاعت * الله پاڪ جي فرمانبرداري * الله پاڪ جي عبادت* ۽ نيڪ ڪم ڇڏي ڪري شيطان جي پُٺيان نه هلو...!! نه ته شيطان ته لعنت ۽ غضب ۾ ٻڏل ئي آهي، توهان کي به پاڻ سان گڏ ٻوڙي ڇڏيندو.
سلسلہ آہ! گناہوں کا بڑھا جاتا ہے نِت نیا جرم ہر اک آن ہوا جاتا ہے
نفس و شیطان کی ہر آن اطاعت پر دل آہ! مائل مِرے اللہ ہوا جاتا ہے
المدد یاشَہِ اَبرار مدینے والے قلب سے خوفِ خدا دور ہوا جاتا ہے([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! عنقريب ماههِ رمضان موڪلائي ويندو ۽ عنقريب شيطان قيد مان آزاد ٿي ويندو. انڪري اڄ ۽ هاڻي ئي کان هي پڪو عهد ڪيو ته اسان کي شيطان جي پيروي ناهي ڪرڻي، اُن جي چالن ۾ ناهي اچڻو، ان کان بچي ڪري، ان جي وسوسن کان پري رهي ڪري ان جي دوکي مان نڪري ڪري آئينده سڄي زندگي نيڪين ئي ۾ گذارڻي آهي
الله پاڪ اسان کي شيطان جي دوکي کان محفوظ فرمائي. (آمين) اسان کي شيطان کان ڪيئن بچڻو آهي؟ ان جي وار کان ڪيئن محفوظ رهڻو آهي؟ ان