Book Name:Shaitan ka Darwazy

مُحاسبو ۽ مرڻ کان بعد جي لاءِ عمل ڪري. (ترمذی، ابواب صفۃ القیامۃ، صفحہ:583، حدیث:2459). *پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي اعمال جو جائزو وٺون. دور حاضر ۾ امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن *هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن .* روزانو سوال پڙهي ڪري پنهنجو جائزو وٺي ڪري خانا ڀرڻا هوندا آهن.* صحيح اسلامي زندگي گذارڻ جو اهو بهترين نسخو آهي.* هن جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.  اوهان به هي رسالو خريد ڪيو! روزانو پنهنجو جائزو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. * اخلاق سٺا ٿيندا. *ڪردار چڱو ٿيندو، *عادتون بهتر ٿينديون. *نيڪين تي استقامت ملندي. *گناهن کان نفرت ٿيندي. * دل روشن ٿيندي. * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي. * عشق رسول ۾ اضافو ٿيندو. * روحانيت ملندي ۽ *فڪر آخرت نصيب ٿيندي.

  پورو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي