Book Name:Shaitan ka Darwazy

بھوک کی اور پیاس کی مولیٰ مجھے سوغات دے                                              یا الٰہی!   حَشْر   میں   دیدار   کی  خیرات   دے

 پيارا اسلامي ڀائرو! عنقريب رمضان جو مهينو موڪلائي ويندو ۽ کائڻ پيئڻ جا ڏينهن اچي ويندا، جيتوڻيڪ حلال کائڻ بلڪل جائز آهي، باقي گهڻو کائڻ کان بچڻ ئي بهتر آهي، انهيءَ ڪري ماھِ رمضان کان پوءِ به اسان کي پهريان ته اها ڪوشش ڪرڻي آهي ته نفل روزن جي عادت بڻايون. جيڪڏهن روزا نه به رکي سگهون تڏهن به اسان کي گهرجي ته اسان حلال کاڌو اهو به بُک رکي ڪري کائڻ جي عادت بڻايون. ان جي برڪت سان جتي صحت چڱي رهندي، اُن سان گڏوگڏ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!شيطان کان حفاظت جو سامان به ٿيندو رهندو.

عيد جي ڇھ روزن جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو!  رَمَضانُ الۡمُبارڪ کان بعد شوال المڪرم جي آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيدالفطر کان پوءِ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو! انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا: حديث پاڪ ۾ آهيجنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ايئن نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.[1] جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر يعني سڄي عمر جوروز رکيو.( مسلِم، کتاب الصیام، باب استحباب صوم...الخ، صفحہ:424،  حدیث: 1164۔) خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪاتي    رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو.[2]

 

 



[1] مجمع الزوائد، کتاب الصیام، باب فیمن صام  ...الخ،جلد:3، صفحہ:322،  حدیث:5102۔

[2] سنی بہشتی زیور ،صفحہ:347۔