Book Name:Shaitan ka Darwazy

جون قضا ڪيل نمازون ياد ناهن هونديون * ڪجھ ماڻهو وڏي فخر سان ٻڌائي رهيا هوندا آهن ته: هن ڀيري مون رمضان المبارڪ جا 10 روزا رکيا، ڪو انهن کي ٻڌائي ته ڀاءَ اوهان 20 روزا قضا ڪري ڇڏيا! * مسجد ۾ ڏنل 10 روپيه ياد رهندا آهن، واپار ۾ ٺڳي سان ڪمايل هزار روپيه ويساري ڇڏيندا آهيون. ياد رکو! هي سخت ڳڻتي جي ڳالھ آهي، پنهنجي گناهن کي ويساري ڇڏڻ شيطان جو دروازو آهي. جڏهن انسان پنهنجي گناهن کي ويساري ڇڏيندو آهي ته شيطان اُن تي غالب اچي ويندو آهي. انهي ڪري پنهنجي گناهن کي هميشه ياد رکو! هي اهو ذريعو آهي جنهن سان اسان جي دل ۾ رقَّت پيدا ٿيندي، دل ۾ الله پاڪ جو خوف ايندو ۽ اسان ربّ ڪريم جي پڪڙ کان ڊڄي ڪري توبه به ڪندا رهنداسين ۽ آئينده گناهن کان بچندا رهنداسين.

ننڍپڻ جو گناهه ياد رکيو

حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو تمام وڏو وَلِيُّ الله ٿي گذريو آهي، سندن سيرت ۾ آهي ته کائنس ننڍپڻ ۾ هڪ گناھ ٿي ويو هو، حالانڪه نابالغ ٻار جو گناھ، گناھ ناهي هوندو، ان جي باوجود پاڻ ان گناھ کي ياد رکيو، سندن عادت هئي ته جڏهن به نوان ڪپڙا سبرائيندا هئا ته ڳلي تي اهو گناھ لکي ڇڏيندا هئا، پوءِ ان کي ڏسي ڪري شرمندگي سان ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا هئا.[1]

 الله اڪبر! ڇا ته نرالو انداز آهي. اسان کي به گهرجي ته پنهنجي غلطين، ڪوتاهين ۽ گناهن کي هميشه ياد رکون، انهن کي سوچي ڪري الله پاڪ جي عذاب کان، اُن جي پڪڙ کان ڊڄندا رهون، ايئن ڪندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توبه جي توفيق ملندي رهندي ۽ آئينده گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو رهندو.

گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دم بدم مولیٰ                                              میں توبہ پر نہیں رہ پارہا ثابِت قدم مولیٰ!


 

 



[1] تذکرۃ الاولیاء، جز:1، صفحہ:39۔