Book Name:Shaitan ka Darwazy

الله پاڪ هڪ ملائڪ جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏيندو جيڪو شطان کي ان کان ايئن پري ڪندو جيئن عرب ماڻهو اُٺ کي پاڻي جي حوض کان ڀڄائيندا آهن. ([1])

تَعَوُّذ جي برڪت

 منقول: حضرت ابوسعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته مان هڪ هنڌ شيطان کي جهڪيل ڏٺو ته مون ارادو ڪيو ان کي چهبڪ سان ڌڪ هڻان، شيطان مون کي چيو ته اي ابو سعيد! ڇا اوهان کي معلوم ناهي ته مون کي چهبڪ ۽ دنياوي اسلحي جو ڪو خوف ناهي؟ مون چيو: اي لعنتي! توکي ڪهڙي شيءِ خوف زده ڪندي آهي؟ ان جواب ڏنو ته مون کي(هن دنيا ۾ صرف) 2 شيون خوف زده ڪنديون آهن: (1) تَعَوُّذ پڙهڻ وارن جو تَعوُّذ يعني اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ  پڙهڻ (2) صديقين جي معرفت جا ڪرڻا.

سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي، اَعُوْذُ بِاللہِ  پڙهڻ سان شيطان ڊڄندو آهي، الله پاڪ اسان کي هن بدبخت کي ڊيڄاريندو رهڻ ۽ ان جي چالن کان بچندي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! نفس و شيطان جي چالن کان بچڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ نيڪين تي استقامت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو!  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي.

*رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو


 

 



[1]...سلوۃ العارفین، باب فضیلۃ التعوذ، جلد:1، صفحہ:124۔