Book Name:Shaitan ka Darwazy

نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                                                                                            نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!

مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل                                                                                                 نیک ہو امَّت اے نانائے حسین!([1])

  نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!            صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[2]


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔

[2] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔