Book Name:Shaitan ka Darwazy

سڄي رمضان جي ڪاوڙ هڪ ئي رات ۾ ڪڍندو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي چڱي ڳالھ ناهي، شيطان اسان جو دشمن آهي*  خوشي هجي يا غم* عيد هجي يا رمضان* ڪهڙو ئي وقت هجي* ڪهڙو به ڏينهن هجي* اسان کي اُن بدبخت کي پنهنجو دشمن ئي سمجهڻو آهي. * ڪنهن وقت به ان جي ڄار ۾ ناهي ڦاسڻو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّ الشَّیْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّاؕ-

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي ته توهان به ان کي دشمن سمجهو.

يعني اي انسانو! الله پاڪ جي عبادت تي قائم رهي ڪري ۽ الله پاڪ جي نافرماني ۾ شيطان جي پيروي نه ڪري شيطان کان دشمني ڪندا رهو! ان کي هميشه ئي دشمن ڄاڻيندا رهو...!![1]

هڪ مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَفَتَتَّخِذُوْنَهٗ وَ ذُرِّیَّتَهٗۤ اَوْلِیَآءَ مِنْ دُوْنِیْ وَ هُمْ لَكُمْ عَدُوٌّؕ-بِئْسَ لِلظّٰلِمِیْنَ بَدَلًا(۵۰) ترجموڪنزالعرفان: سو (اي انسانو!) ڇا توهان ان کي ۽ ان جي اولاد کي مون کان سواءِ دوست بڻايو ٿا جڏهن ته اهي توهان جا دشمن آهن، ظالمن جي لاءِ ڪهڙو نه برو بدلو آهي.

يعني اي انسانو! ڇا توهان شيطان ۽ ان جي اولاد کي مون کان سواءِ دوست بڻايو ٿا! يعني منهنجي بندگي ڪري ان جي پويان هلو ٿا...!! حالانڪ سچ اهو آهي ته شيطان به ۽ ان جو اولاد به توهان جو دشمن آهي. پوءِ شيطان، ان جو


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب، باب فی عداوۃ الشیطان، صفحہ:69۔