Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
وضاحت: اي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! توهان اَوْلياءِ ڪرام جي محفل جا چراغ (ڏيئا) آهيو، توهان خيبر فتح ڪرڻ واري مولاءِ ڪائنات مولاعلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شجاعت جا اَمين آهيو، پاڻ امام حَسَن ۽ امام حُسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُما جي باغ جا گُل حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي اک جا تارا آهيو ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جا ديوانا آهيو.
خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 96 سال دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجب، 633 هجري، سومر شريف جي ڏينهن پاڻ وصال فرمايائون، سندن مزار مبارڪ هند جي مشهور شهر اجمير راجستان صوبي ۾ آهي. ([1])
خواجۂ ہند وہ دربار ہے اعلیٰ تیرا کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا
پھر مجھے اپنا دَرِ پاک دِکھا دے پیارے آنکھیں پُر نور ہوں پھر دیکھ کر جلوہ تیرا([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بيان جي شروع ۾ سيپاري: 25 سورت جاثيه جي آيت: 21 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اچو! هن آيتِ ڪريمه جي روشني ۾ حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شان ۽ عظمت سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا:
آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت
الله پاڪ فرمايو:
اَمْ حَسِب (پارہ:25، الجاثیہ:21)
ترجمو ڪَنزُالعِرفَان: ڇا اهي هي سمجهن ٿا ته