Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

ڪير سمجهن ٿا؟

الَّذِیْنَ اجْتَرَحُوا السَّیِّاٰتِ (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجمو ڪَنزُالعِرفَان: جن ماڻهن براين جو ارتڪاب ڪيو

يعني اهي ماڻهو جن ڪفر جو رستو ورتو يا جن جي زندگي گناهن ۾ گذرندي آهي، ([1])  ڇا انهن اِهو سمجهي ورتو؟ فرمايو:

اَنْ نَّجْعَلَهُمْ (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجموڪنزالعرفان: اهي هي سمجهن ٿا ته اسان انهن کي انهن جهڙو ڪري ڇڏينداسين.

ڇا ڪري ڇڏيندا؟ ڇا بڻائي ڇڏيندا؟

كَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ-  (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجموڪَنزُالعِرفَان: انهن جهڙو ڪري ڇڏينداسين جن ايمان آندو ۽ جن چڱا ڪم ڪيا.

يعني هڪ پاسي آهي: غير مسلم. ٻي پاسي آھي: مسلمان. هڪ پاسي آهي گنهگار. ٻي پاسي آهي: نيڪ ٻانهو، مثال طور تي *هڪ پاسي آهن اهي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي روزانو 2 ڀيرا ختمِ قرآن ڪرڻ وارا آهن. ٻي پاسي آهي: اهو ماڻهو جنهن کي ڪڏهن قرآن شريف کولڻ جي به توفيق نه ملندي آهي


 

 



[1]...تفسیر جلالین مع حاشیہ صاوی، پارہ:25، الجاثیہ، زیر آیت:21، جز الخامس،جلد:3،  صفحہ:270۔