Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

نيڪ ماڻهن جو هڪ مبارڪ انداز

اهو به تمام اهم ۽ نهايت ضروري وصف آهي، امام شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي اخلاق مان آهي ته جيستائين انهن کي قرآن ۽ سنت ۽ شريعت جي روشني ۾ ڪنهن به ڪم جو واضح حڪم معلوم نه ٿي ويندو هو. ان وقت تائين اهي ڪم نه ڪندا هئا. ([1])  

صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم  ۽ شريعت تي عمل

بخاري ۽ مسلم ۾ روايت آهي، جنهن جو خلاصو ڪجهه هن طرح آهي جو هڪ دفعي چند صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم سفر تي هئا، رستي ۾ هڪ مقام تي هڪ شخص صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي عرض ڪيو: اسان جي سردار کي وڇونءَ ڏنگيو آهي ڇا توهان ڪجهه ڪري سگهو ٿا؟ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو: هائو! مان دم ڪري سگهان ٿو. سو اهي صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ان شخص سان گڏ ويا ۽ سورت فاتحه پڙهي مريض کي دم ڪيو، جنهن جي برڪت سان مريض صحيح ٿي ويو. هاڻي انهن ماڻهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي ڪجهه ٻڪريون پيش ڪيون، انهن اهي ٻڪريون ورتيون ته صحيح پر پوءِ خيال آيو ته ڇا هي ٻڪريون وٺڻ اسان جي لاءِ جائز هو يا نه؟ سو صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم انهن ٻڪرين مان نفعو حاصل نه ڪيو، جڏهن واپس مديني پاڪ ۾ حاضر ٿيا ته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي خدمت ۾ سڄي صورت حال عرض ڪئي، صاحبِ شريعت، رسولِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن ٻڪرين مان نفعو حاصل ڪرڻ جي اجازت عطا فرمائي، تڏهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم مطمئن ٿيا. ([2])  

 اي عاشقانِ رسول! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جي پرهيزگاري ته ڏسو! دم ڪرڻ جي بدلي ۾ ٻڪريون مليون هيون، انهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جي لاءِ اها هڪ نئين صورت هئي، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ انهن ٻڪرين بابت شرعي


 

 



[1]...تنبیہ المغترین، صفحہ:21۔

[2]...بخاری، کتابُ الاجارہ، صفحہ:585، حدیث:2276خلاصۃً۔