Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

خوفِ خدا ڪيئن ملي؟

معلوم ٿيو ته گناهن کان بچڻ ۽ پرهيزگاري حاصل ڪرڻ لاءِ خوفِ خدا تمام ضروري آهي. الله پاڪ اسان کي به خوفِ خدا جي نعمت نصيب فرمائي. خوفِ خدا حاصل ڪرڻ لاءِ * قرآنِ مجيد جي تلاوت جو معمول بڻايو وڃي، خاص ڪري اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب جو، دوزخ جو،  قيامت جو ذڪر آهي، انهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي ڪري ذهن ۾ ويهاري ڪري خوب توجهه سان باربار تلاوت ڪئي وڃي * حديثن ۾ خوفِ خدا جو بيان آهي، اهڙيون حديثون پڙهڻ گهرجن * خوفِ خدا تي مشتمل ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي * خوفِ خدا رکندڙ بزرگانِ دين جي سيرت پڙهي وڃي * شيڊيول ٺاهي روزانو يا هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو قبرستان جي حاضري ڏني وڃي. اتي فاتحه شريف به پڙهي وڃي گڏو گڏ اهو به غور ڪيو وڃي ته جلد ئي مون کي به قبر ۾ اچڻو آهي، ان وقت منهنجي لاچاري جو عالم ڇا هوندو؟ پوءِ قبر جي معاملن تي غور به ڪيو وڃي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الکریم! خوفِ خدا جي دولت نصيب ٿيندي *  مڪتبة المدينه جي ڪتاب خوفِ خدا پڙهو! هن سان به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الکریم! خوفِ خدا ۾ اضافو ٿيندو.

مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دَم                                                      ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی!

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                                        میں تَھر تَھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(2): قرآن تي عمل ڪرڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پرهيزگارن جون 4 خاصيتون بيان ڪيون آهن. انهن مان ٻيو وصف آهي: اَلْعَمَلُ بِالتَّنْزِیْلِ            يعني قرآن ڪريم تي عمل ڪرڻ.