Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته الٽي اچڻ سان روزو ٽٽي ويندو آهي پر ائين ناهي. الٽي اچڻ جي ڪري هر صورت ۾ روزو ناهي ٽٽندو بلڪ الٽي جي سبب روزي ٽٽڻ جون مخصوس صورتون آهن. عالم سڳورا فرمائن ٿا: (1): روزي ۾ پاڻمرادو ڪيتري به الٽي اچي وڃي (توڙي جو بالٽي ئي ڀرجي وڃي) ان سان روزو ناهي ٽُٽندو (2): جيڪڏهن روزو ياد هجڻ جي باوجود (ڄاڻي واڻي) الٽي ڪئي ۽ جيڪڏهن اها وات ڀريل آهي ته هاڻي روزو ٽُٽي ويندو۔ (3): ڄاڻي واڻي وات ڀريل الٽيءَ سان به ان صورت ۾ روزو ٽُٽندو جڏهن تـه الٽي ۾ کاڌو يا (پاڻي) يا صفراء (يعني ڪؤڙو پاڻي) يا رت اچي۔ (4): جيڪڏهن الٽيءَ ۾رُڳو بلغم نڪتو ته روزو نه ٽُٽندو۔ (5): ڄاڻي واڻي الٽي ڪئي پر ٿورڙي آئي وات ڀر نه آئي ته هاڻي به روزو نه ٽُٽندو۔ (6): وات ڀريل کان گھٽ الٽي آئي ۽ وات منجهان ئي ٻيهر موٽي ويئي يا پاڻ ئي موٽائي ڇڏي۔ انهن ٻنهي صورتن ۾ به روزو نه ٽُٽندو۔(7): وات ڀريل الٽي بي اختيار اچي وئي ته روزو نه ٽُٽو۔ باقي جيڪڏهن ڪو انهيءَ مان هڪ چڻي جيترو به واپس موٽائي ڇڏي ته روزو ٽُٽي پوندو ۽ هڪ چڻي کان گھٽ هجي ته روزو نه ٽُٽندو۔([1])
اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا مُؤْ مِنُ
جيڪو به 115 ڀيرا یَا مُؤْ مِنُ پڙھي ڪري پنهنجي مٿان دم ڪندوته تندرستي ماڻيندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
ذِکر و درود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو!
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم