Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

ڪئي وئي آهي ۽ آخرت جي تقسيم تقوٰي تي ڪئي وئي آهي. ([1])  

يعني دنيا ۾ عزت، مرتبو ۽ مقام، بلندي، ترقي، ڪاميابي ان کي ملندي آهي، جيڪو گهڻي محنت ڪندو آهي جڏهن ته آخرت ۾ بلند درجات، وڌيڪ عزت، وڌيڪ مقام ۽ مرتبو ان کي ملندو. جيڪو وڌيڪ پرهيزگار هوندو. سيپاري: 12، سورت هود، آيت: 49 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِیْنَ۠(۴۹)

ترجمو ڪنزالايمان:  بيشڪ سٺو انجام پرهيزگارن جي لاءِ آهي

هڪ مقام تي الله پاڪ جنت جي متعلق ارشاد فرمائي ٿو:

اُعِدَّتۡ  لِلۡمُتَّقِیۡنَ )۱۳۳(ۙ

ترجمو ڪنزالايمان: اها پرهيزگارن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

(پارہ:4،سورۂ آلِ عمران:133)

سُبۡحٰنَ الله! معلوم ٿيو الله پاڪ جنت بڻائي ئي تقوٰي وارن جي لاءِ آهي، تنهنڪري جيڪو وڌيڪ متقي هوندو ان کي جنت ۾ وڌيڪ بلند درجات نصيب ٿيندا، ان کي وڌيڪ نعمتون ملنديون. 

سموري عزت تقوٰي(پرهيزگاري) ۾ آهي

اهڙي طرح دين ۾ عزت جو معيار به تقوٰي ئي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْؕ-

ترجموڪنزُالعِرفان: بيشڪ الله وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي. (پارہ:26،سورۂ حجرات:13)



[1]...رسالہ قشیریہ،باب  التقوی،صفحہ:142۔