Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

تقوٰي وارا(پرهيزگار) ۽ موت جي تياري

اسان جا اسلاف (يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جيڪي متقي هئا، پرهيزگار هئا) انهن کي رڳو قبر ۽ آخرت جي فڪر رهندي هئي ۽ هي هر وقت موت جي تياري ۾ مصروف رهندا هئا. * خواجه سري سقطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 98 سال هن دنيا ۾ رهيا، سڪرات جي وقت کان علاوه ڪنهن به کيس ڪڏهن ليٽندي نه ڏٺو، هميشه عبادت ڪندا هئا * محمد جريري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ سال مڪي پاڪ ۾ رهيا، نه ڪڏهن سُتا، نه پٺي سڌي ڪئي، نه پير ڊگهيڙيا * اويس قرني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فجر جي نماز پڙهي ذڪرُالله شروع ڪندا هئا، ظهر ٿي ويندي هئي، ظهر کان بعد وري ذڪرِ الٰهي ۾ مصروف هوندا هئا، ايستائين جو عصر ٿي ويندي هئي، عصر کان مغرب تائين، مغرب کان عشاء تائين، عشا کان فجر تائين ويٺا ذڪرُالله ئي ڪندا رهندا هئا * حضرت ابوبڪر عياش رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  روزانو 30 هزار ڀيرا سورهءِ اخلاص پڙهندا هئا، روزانو 500 نوافل پڙهندا هئا ۽ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا قرآن ڪريم ختم ڪندا هئا. * امام اعظم، امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  40 سالن تائين عشاء جي وضو کان فجر جي نماز ادا ڪئي، هر رات 2 رڪعتن ۾ قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا. ([1])

اندازو لڳايو! هي الله جا نيڪ ٻانها ڪيئن هميشه نيڪ ڪمن ۾ مصروف رهندا هئا؟ انهن کي آخرت جي فڪر هئي، هي موت ۽ قبر ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ وارا هئا، ڪاش! اسان به پرهيزگارن جهڙيون صفتون اختيار ڪيون. ڪاش! اسان کي به موت جي تياري ڪرڻ جي توفيق ملي وڃي. الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ  خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔

 رمضان مهينو تقوٰي جي دولت ماڻڻ جو ذريعو آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُ لِلّٰه ! رمضان مهينو، مغفرت جو مهينو، قرآنِ


 

 



[1]...جواہِرُ البیان، صفحہ:32-33ملتقطاً۔