Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

نصيب ٿيندي آهي. رمضان جو مهينو اچي رهيو آهي، ان جو گهڻو احترام ڪيو! سڀ روزا رکو! ان ۾ تلاوت ڪيو! سڀئي تراويح پڙهو! سحري ۽ افطاري جون برڪتون ماڻيو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الکریم! پرهيزگاريءَ جي وڏي دولت نصيب ٿيندي.

نصیب  تیرے کرم سے چمک اُٹھا یارَبّ! جہاں میں پھر مہِ رمضان آگیا یارَبّ!

ہے لاکھ لاکھ ترا شکر پھر دیا رمضان                                     کرم سے ذوقِ عبادت بھی ہو عطا یارَبّ! ([1])

ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن (Application) بنام ”ڪلمو ۽ دُعا“ (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي۔ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگھجي ٿي. * هن اپيليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آواز (Audio) جي صورت ۾ لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزانو جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دُعا، کاڌو کائڻ کان پهريان جي دُعا، ۽ کاڌو کائڻ کان بعد جي دُعا، کير پيئڻ جي دُعا، سمهڻ وقت جي دُعا وغيره لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * ۽ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب مثال طور کاڌو کائڻ جون سنتون ۽ آداب، سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب، پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب وغيره۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

صحيح ڇا آهي؟

(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشھور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: اُلٽي اچڻ کان روزو ناهي ٽٽندو.


 

 



[1]... وسائل فردوس ،صفحہ:26۔