Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

فرمايو، پاڪ صاف دل عطا فرمائي، هاڻي اسان هن دنيا مان گذري آخرت ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ڄڻ ته هيءَ دنيا هڪ رستو آهي ۽ هن رستي تي ڪنڊي دار ٽاريون آهن. هڪ طرف شيطان آهي، هڪ طرف نفس آهي، هڪ طرف دنيا جي محبت آهي، هڪ طرف مال جي محبت آهي، حسد، بغض، ڪينو، خواهش پرستي وغيره وغيره، هزارين گناهه ۽ هزارين گناهن جا رستا هي سڀ ڄڻ ته ڪنڊي دار ٽاريون آهن، اسان زندگي جي هن سفر ۾ پنهنجي پاڪيزه روح کي، پنهنجي دل کي هنن ڪنڊي وارين ٽارين(يعني گناهن) کان بچائيندي گذري وڃڻو آهي، بس رڳو انهيءَ شيءِ جو نالو تقوٰي آهي.   

تقوٰي 4 شين جي مجموعي جو نالو آهي

مسلمانن جا چوٿان خليفا اميرالمؤمنين حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: تقوٰي 4 شين جي مجموعي جو نالو آهي (1): اَلْخَوْفُ مِنَ الْجَلِیْلِ (يعني خوفِ خدا) (2): اَلْعَمَلُ بِالتَّنْزِیْل (يعني قرآن ڪريم تي عمل ڪرڻ) (3): اَلْقَنَاعَۃُبِالْقَلِیْلِ (يعني ٿوري تي راضي رهڻ). (4): اَلْاِسْتِعْدَادُ لِیَوْمِ الرَّحِیْلِ (آخرت جي سفر جي تياري ڪندو رهڻ). ([1])

معلوم ٿيو؛ هي چار وصفَ جنهن خوشنصيب کي ملي وڃن، اهو متقي بڻجي ويندو آهي.

: پهريون وصف:  خوفِ خدا

پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خدا هڪ لغام آهي، جيڪو انسان کي گناهن کان روڪي رکندو آهي، جيڪڏهن هي لغام ٽٽي وڃي يا ڍرو ٿي وڃي (يعني دل ۾ خدا جو خوف نه رهي) ته انسان گناهن تي دلير ٿي ويندو آهي، بهرحال خدا جو خوف پرهيزگارن جو تمام ضروري وصف آهي.


 

 



[1]...بستان العارفین ، تقوی کا بیان، صفحہ:107۔