Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
حڪم معلوم نه هو، تنهنڪري صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم ان وقت تائين رڪيا رهيا جيستائين شرعي حڪم معلوم نه ٿي ويو.
ڪاش! اسان به اها عادت اختيار ڪريون، جيستائين ڪنهن ڪم جو حڪم شريعت جي روشنيءَ ۾ معلوم نه ٿئي، ان وقت تائين اهو ڪم ناهي ڪرڻو. ٿئي سگهي ته اسان دارالافتاء اهل سنت جو نمبر پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺون، جڏهن به ڪنهن شيءِ بابت شڪ ٿئي ته يڪدم شرعي رهنمائي وٺندا ڪيون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمينٽ دارالافتاء اهلسنت جي نالي سان موبائل ايپلي ڪيشن به شروع ڪئي آهي، هن ۾ ڪيئي فتاوٰي جات موجود آهن ۽ تمام گهڻو علمِ دين تي مشتمل مواد هن هڪ ايپلي ڪيشن ۾ موجود آهي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪيو، پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
زندگی ہو مری پروانے کی صُورت یارَبّ! عِلْم کی شمع سے ہو مجھ کو محبت یارَبّ!
میرے اللہ بُرائی سے بچانا مجھ کو نیک جو راہ ہو، اس راہ پہ چلانا مجھ کو
پيارا اسلامي ڀائرو! تقوٰي وارن جا وصف جيڪي مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ٻڌايا، انهن مان ٽيون وصف آهي: اَلْقَنَاعَۃُ بِالْقَلِیْل يعني ٿوري تي راضي رهڻ.
قناعت جي معنٰي آهي: قسمت تي راضي رهڻ. اهو به پرهيزگاريءَ جي لاءِ بنيادي وصف آهي، جنهن کي قناعت نصيب نه هجي، ان جو گناهن کان بچڻ تمام مشڪل آهي، اهڙا ڪيترائي گناهه آهن جيڪي لالچ ۽ حرص جي ڪري ٿيندا آهن * لالچ جي ڪري ئي رشوت جو ڏيڻ وٺڻ ٿيندو آهي * لالچ جي ڪري ئي وياجي ڪاروبار ڪيا ويندا آهن * لالچ جي ڪري ئي حرام ذريعن کان مال