Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو خوفِ خدا

منقول آهي: هڪ دفعي حضرت يزيد رقّاشي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مون کي ڪا نصيحت ڪيو! حضرت يزيد رقّاشي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي اميرالمؤمنين! اوهان پھريان خليفا ناھيو جنهن کي موت ايندو (يعني توھان کان اڳ به ڪيترائي بادشاھ ٿي چڪا آھن). اهو ٻڌي حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روئڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: اڃان نصيحت ڪيو! حضرت يزيد رقّاشي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چيو: اوهان کان وٺي حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تائين اوهان جا جيترا ابا ڏاڏا آهن. انهن مان ڪو به اَب(يعني پيءُ) زندهه ناهي حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وري رنا ۽ فرمايو: اڃان به نصيحت ڪيو! حضرت يزيد رقّاشي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چيو: جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ ڪا به منزل نه آهي (يعني اسان جو ٺڪاڻو يا ته دوزخ آهي يا جنت آهي، ان کان علاوه ٻي ڪا جاءِ ناهي). اها ڳالهه ٻڌي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي خوفِ خدا غالب اچي ويو ۽ کين بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا. ([1])

اي عاشقان رسول! ڏسو! ڪهڙو خوفِ خدا آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خليفو هو، سندن وٽ حڪومت هئي، تاج ۽ تخت هو، اختيارات هئا، هي اهي شيون آهن جيڪي عام طور تي ماڻهن کي باغي بڻائينديون آهن، حڪومت، عهدو، اختيار ملي وڃن ته ماڻهو گناهن تي دلير ٿي ويندا آهن پر حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خليفي بڻجڻ کان اڳ به پرهيزگار هئا، خليفي بڻجڻ کان بعد به پرهيزگار ئي رهيا، سندن پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ظلم نه ڪيو، ماڻهن جا حق نه کاڌا بلڪ عدل ۽ انصاف قائم ڪيو؟ ڇو انڪري جو حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام گهڻا پرهيزگار هئا.


 

 



[1]...تنبیہ المغترین، صفحہ:49۔