Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
الله پاڪ اسان کي مال جي حرص کان بچائي * قناعت (يعني الله پاڪ جيڪو ڏنو، ان تي راضي رهڻ) تمام وڏي نعمت آهي * قناعت مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي * قناعت صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جو طريقو آهي * قناعت اولياء ڪرام جو طريقو آهي * قناعت اختيار ڪرڻ وارو الله پاڪ جو محبوب آهي * قناعت سان الله پاڪ جي رضا ملندي آهي * قناعت جي برڪت سان قبر ۽ حشر ۾ آساني نصيب ٿيندي آهي * ۽ قناعت جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.
ضرورت سے زیادہ مال و دولت کا نہیں طالِب
رہے بَس آپکی نظرِ عنایت یَارسُولَ اللہ
رہیں سب شاد گھر والے شہا! تھوڑی سی روزی پر
عطا ہو دولتِ صبر و قناعت یارسُولَ اللہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پرهيزگارن جو چوٿون وصف هي ٻڌايو: اَلْاِسْتِعْدَادُ لِیَوْمِ الرَّحِیْل يعني هن دنيا مان وڃڻ واري ڏينهن جي تياري ڪرڻ.
الله پاڪ قرآن ڪريم ارشاد فرمائي ٿو: