Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
حاصل ڪيو ويندو آهي * لالچ ۾ اچي ڪري ئي ماڻهو يتيمن جو حق کائيندا آهن * لالچ ۾ اچي ڀاءُ ڀاءُ جو قتل به ڪري وٺندو آهي * ايستائين جو ڪجهه لالچي طبيعت جا ماڻهو غير مسلم ملڪن ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي غير مسلم به لکي وٺندا آهن (اَسْتَغْفِرُ اللہ!)
تنهنڪري جيڪو شخص الله پاڪ جي ڏنل تي راضي ٿي قناعت اختيار نه ڪري، ان جو گناهن کان بچڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ جيڪو گناهن کان بچي نه سگهندو، اهو پرهيزگار ڪيئن بڻجندو؟
قناعت بابت پرهيزگارن جا 2 واقعا
* حضرت محمد بن واسع رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لوڻ ۽ سرڪي سان ماني کائيندا هئا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائيندا هئا: جيڪو انسان ايتري دنيا تي راضي ٿي وڃي اهو ماڻهن جي سامهون ذلّت کان بچي ويندو آهي. ([1]) * حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اڄ جي زماني ۾ جيڪو ٻانهو جَو جي ماني تي قناعت نه ڪري، اهو ذلت ۽ رسوائي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. هڪ ڀيرو هڪ شخص حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ڇا مان مال جمع ڪري سگهان ٿو؟ سندن فرمايو: مال جمع ڪرڻ ۾ 5 برايون آهن: (1): ان کان اميد ڊگهي ٿيندي آهي(جڏهن ته اسان کي هڪ گهڙي جو به ڀروسو ناهي، خبر ناهي ڪڏهن موت اچي وڃي) (2): مال جمع ڪرڻ سان لالچ وڌي ويندي آهي (3): مال جمع ڪرڻ جي سبب بخل(يعني ڪنجوسي) ۾ اضافو ٿي ويندو آهي (4): مال جمع ڪرڻ جي سبب انسان آخرت وساري ويهندو ۽ غفلت ۾ وڃي پوندو آهي (5): مال جمع ڪرڻ جي هڪ وڏي آفت هيءَ آهي ته انسان جي پرهيزگاري ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. ([2])