Agle Pichlo ko Nasihat

Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat

تم سے جہاں کا نِظام تم پہ کروروں سلام                                                            تم پہ کروروں ثَنا تم پہ کروروں درود

نافِع و دافِع ہو تم شافِع و رافِع ہو تم                                                                                                    تم سے بس اَفزوں خُدا تم پہ کروروں درود([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اڳيَن پوئيَن جي لاءِ نصيحت

الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَقَدْ وَصَّیْنَا الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْکِتٰبَ مِنْ قَبْلِکُمْ وَ اِیَّاکُمْ اَنِ اتَّقُوا اللّٰہَ

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ بيشڪ اسان انهن ماڻهن کي جن کي توهان کان پهريان ڪتاب ڏنو ويو ۽ توهان کي به تاڪيد فرمائي ڇڏي آهي ته الله کان ڊڄندا رهو. (پارہ:5،سورۂ نسآء:131)

  اسان جي خالق، اسان جي مالڪ، اسان جي پياري الله پاڪ مون کي، توهان کي، اسان کي ۽ اسان کان پهريان امتن کي مطلب ته سڀني انسانن کي هڪ نصيحت، هڪ وصيّت فرمائي، هن آيتِ ڪريمه ۾ انهيءَ نصيحت جو بيان آهي، اها نصيحت ڇا آهي؟ فرمايو:  ©""÷"s'تقوٰي اختيار ڪيو! الله پاڪ کان ڊڄندا رهو.

سڀ کان اعلٰي خوبي

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور فرمايو! الله رَبُّ العٰلمين آهي، الله پاڪ سڀني جهانن جو پالڻهار آهي، الله پاڪ ٻانهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ مهربان، رحم ڪرڻ وارو آهي، هو الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي پرهيزگاريءَ جي نصيحت ڪندو آهي. جيڪڏهن ٻانهي لاءِ تقوٰي (پرهيزگاريءَ) کان علاوه ڪا ٻئي شيءِ وڌيڪ فائدي واري هجي ها وڌيڪ ڀلائي واري هجي ها ته الله پاڪ ضرور پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ جي تاڪيد فرمائي ها پر الله پاڪ انهن کي تقوٰي (پرهيزگاري)  اختيار


 

 



[1]... حدائقِ بخشش،صفحہ:269 ملتقطًا۔