Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
هن آيت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عزت ۽ فضيلت جو دارو مدار نسب ناهي بلڪ پرهيزگاري آهي تنهنڪري هر مسلمان کي گهرجي ته اهو نسب تي فخر ڪرڻ کان بچي ۽ تقوٰي ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري ته جيئن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ان کي عزت ۽ فضيلت نصيب ٿئي. ([1])
هڪ عربي شاعر چوي ٿو:
مَا یَصْنَعُ الْعَبْدُ بِعِزِّ الْغِنیٰ وَالْعِزُّ کُلُّ الْعِزِّ لِلْمُتَّقِیْ
ترجمو: انسان مال ۽ دولت جي عزت کي ڇا ڪندو؟ عزت ته سڄي متقي جي لاءِ آهي.
تقوٰي وارن جي لاءِ انعام ۽ خوشخبريون
عالمَ سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ پرهيزگارن جون ڪيتريون ئي خوبيون بيان ڪيون آهن ۽ انهن کي تمام گهڻيون خوشخبريون ڏنيون آهن، مثال طور * پرهيزگارن کي الله پاڪ جي طرفان خاص مدد ۽ نصرت نصيب ٿيندي آهي * پرهيزگارن کي دنيا ۽ آخرت ۾ عزت ملندي آهي * پرهيزگارن کي علم به ڏنو ويندو آهي، حڪمت به ڏني ويندي آهي * الله پاڪ پرهيزگارن جا گناهه مِٽائي ڇڏيندو آهي * انهن کي وڏو اجر ڏيندو آهي * تقوٰي وارن جي مغفرت ۽ بخشش ڪئي ويندي آهي * الله پاڪ تقوٰي وارن کي آسانيون عطا فرمائيندو آهي * انهن جي ڪمن ۾ سهولت ۽ نرمي رکي ويندي آهي * پرهيزگار ماڻهو ڏک ۽ تڪليف کان نجات ماڻيندو آهي * پرهيزگار شخص کي دنيا ۾ وسيع رزق ڏنو ويندو آهي * پرهيزگار آخرت ۾ نجات وارا هوندا * پرهيزگارن کي عبادت جي توفيق ڏني ويندي آهي * الله پاڪ انهن کي گناهن کان محفوظ رکندو آهي