Book Name:Agle Pichlo ko Nasihat
* پرهيزگار انسان پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو آهي * الله پاڪ پرهيزگارن جي سچائي جي شاهدي ڏيندو آهي * انهن کي الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيندي آهي * پرهيزگارن جي عبادت قبول ٿيندي آهي * پرهيزگارن کي غم ۽ خوف کان نجات ملندي آهي * الله پاڪ انهن کي جنت ۾ بلند درجات عطا فرمائيندو آهي * ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته پرهيزگار انسان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ بلند مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ([1])
ہو اخلاق اچھا، ہو کردار سُتھرا مجھے متقی تُو بنا یااِلٰہی! ([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
هڪ ڏينهن مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي فرمايو: اي ڪعب! ٻڌايو ته تقوٰي(پرهيزگاري) ڇا آهي؟ حضرت ڪۡعبُ الاَحبار رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: اي اميرالمؤمنين! ڇا توھان ڪڏھن ڪنهن اهڙي رستي تان گذريا آھيو؟ جنهن تي ڪنڊيدار ٽاريون هجن؟ اميرالمؤمنين حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو: هائو بلڪل مان اهڙي رستي تان گذريو آهيان. حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: ته پوءِ تون اهڙي رستي تان ڪيئن گذرندو آهين؟ ارشاد فرمايائون: مان ڪنڊن کان بچندو آهيان ۽ پنهنجا ڪپڙا سميٽي وٺندو آهيان. حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: ذٰلِکَ التَّقْویٰ اي اَمِيۡرُالمُؤمِنِيۡن! اهائي تقوٰي آهي. ([3])
مطلب هي ته اسان هن دنيا ۾ آياسين، الله پاڪ اسان کي پاڪيزه روح عطا