Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
نظر هڪ بزرگ تي پئي، جيڪو صحرا ۾ مصلو وڇائي تسبيح پڙهي رهيو هو، ان شخص جي جان ۾ جان آئي، دل مطمئن ٿي وئي ته مونکي هڪ نيڪ ماڻهو ملي ويو. هو تڪڙو تڪڙو ان بزرگ وٽ آيو ۽ پنهنجو مال امانت طور انهن وٽ رکرائي ڇڏيو. جڏهن واپس آيو ته ڏٺائين ته قافلي تي ڌاڙيل حملو ڪري چڪا هئا ۽ سڄو قافلو لٽجي چڪو هو، هاڻي هو پنهنجو مال واپس وٺڻ لاءِ ان بزرگ وٽ ويو ته ڏٺائين ته اهو ئي بزرگ ڌاڙيلن سان گڏ ويٺو مال ورهائي رهيو آهي. هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ کيس معلوم ٿيو ته جنهن کي مان نيڪ بزرگ سمجهي رهيو هئس، اهو ئي اصل ۾ ڌاڙيلن جو سردار فضيل آهي. خير! اهو شخص ڊڄندي ڊڄندي ويجهو ويو ۽ پنهنجي رقم بابت پڇيو حضرت فضيل فرمايو: جتي رکي ويو هئين، اتان ئي وڃي کڻ. پوءِ پاڻ پنهنجن ساٿين کي چيائون: هن شخص مون تي ڀروسو رکيو ۽ مان الله تي ڀروسو رکندو آهيان.
هڪ ڀيري سندن جي ساٿين قافلو لٽيو ۽ گڏجي ويهي مال ورهائڻ لڳا. قافلي مان هڪ شخص پڇيو: ڇا توهان جو ڪو سردار ناهي؟ ڌاڙيلن جواب ڏنو: اسان جو سردار آهي، هو دريا جي ڪناري تي نماز پڙهي رهيو آهي، ان ماڻهو حيرت مان پڇيو: هي ته نماز جو وقت ناهي؟ ڌاڙيلن جواب ڏنو: اسان جو سردار نفل پڙهي رهيو آهي.
([1])
اللّٰهُ أَكْبَر! اها نماز سان لڳاءَ ۽ محبت جي ئي برڪت هئي جو حضرت فضيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي هدايت جا دروازا کلي ويا ۽ پاڻ ولايت جي بلند مقام تي پهچي ويا.