Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
الله! الله! هي آهي حرص ۽ حوس جو نقصان....!! معلوم ٿيو ته حرص، حوس، مال و دولت ۽ منصب جي محبت ڪڏهن ڪڏهن انسان کي هدايت قبول ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيندي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! حرص، هوس، ۽ مال جي محبت اهڙي خطرناڪ باطني بيماري آهي جو ان جي سبب ٺيڪ ٺاڪ سڌي رستي تي هلڻ وارو ماڻهو به ڀٽڪي ويندو آهي بَلْعَم بن بَاعُورا جو مثال ئي ڏسو! هُو پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، نيڪ ۽ پرهيزگار هو، مستجاب الدعوات به هو يعني سندس دعائون قبول ٿينديون هيون، الله پاڪ ان کي تمام وڏو مقام عطا فرمايو هو، پر افسوس! مال جي محبت ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. قومِ عَمالقہ کيس چيو ته: حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام جي لاءِ بد دعا ڪر! بلعم بن باعورا انڪار ڪري ڇڏيو. انهن بار بار اصرار ڪيو، آخرڪار قومِ عمالقہ کيس تمام گھڻي مال جي آڇ ڪئي. بلعم بن باعورا جي دل ۾ حرص پيدا ٿيو، لالچ غالب اچي وئي ۽ مال جي محبت ۾ اچي هن الله پاڪ جي نبي حضرت موسى عَلَیْهِ السَّلَام جي خلاف دعا ڪرڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي، ان گستاخي جي کيس اها سزا ملي جو هو ڪافر ٿي ويو ۽ نهايت ذلت وارو موت مَرِي ويو.
اي عاشقانِ رسول! اها آهي حرص، حوس، ۽ مال جي محبت
جي آفت ...!!
هيءَ اُها بيماري آهي جيڪا ماڻهوءَ کي هدايت
کان روڪيندي به آهي ۽ هدايت جي راهه تي هلڻ واري کي گمراهه به ڪري ڇڏيندي آهي. اسلام
هن باطني بيماري جو هڪ نهايت اهم ۽ موثر علاج پيش ڪيو آهي. اهو ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ
فرمائي ٿو: