Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچا نبي آهن، پر انهن جي دلين ۾ حوس هئي، حرص هو، تنهنڪري اهي هدايت کان محروم رهجي ويا.
هڪ دفعي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ روم جي بادشاهه طرفان غير مسلمن جو هڪ وفد آيو، جنهن کي وفدِ نجران چيو ويندو آهي. هن وفد ۾ ابو حارثه نالي هڪ غير مسلم ۽ سندس ڀاءُ ڪوز بن علقمه به شامل هئا. جڏهن هي ماڻهو مديني پاڪ جي طرف اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ابو حارثه جو خچر ترڪي ڪري پيو جنهن تي سندس ڀاءُ ڪوز بن علقمه، پياري آقا، مڪي مدني مُصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ گستاخانا الفاّظ ڳالهايا، جن کي ٻڌي سندس ڀاءُ ابو حارثه، جيڪو پاڻ به غير مسلم هو، چيو: بَلْ اَنْتَ تَعِسْتَ بلڪه تون هلاڪ ٿي وئين. الله پاڪ جو قسم! مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ته الله پاڪ جا اهي نبي آهن، جن جو اسان صدين کان انتظار ڪري رهيا آهيون. اهو ٻڌي ڪوز بن علقمه چيو: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان انهن جو ڪلمو پڙهي مسلمان ڇو نٿا ٿي وڃون؟ ان سوال جي جواب ۾ ابو حارثه اسلام قبول نه ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي چيو: روم جا بادشاهه اسان کي انعامن سان نوازن ٿا، سون، چاندي اسان جي قدمن ۾ ڍير ڪن ٿا، اسان کي اعليٰ عهدا ڏين ٿا، اهي روم جا بادشاهه مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نبي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن جيڪڏهن اسان ڪلمو پڙهي ورتو ته اسان جو هي سمورو اعزاز، هي سڀ مال و دولت اسان کان واپس ورتو ويندو، ان ڪري اسان مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي اختيار نه ٿا ڪري سگهون. ([1])